راوي ندي

راوي ندي

راوي ندي

راوي ندي: راوي ندي، اُتر اولهه هندستان ۽ اتر اوڀر پاڪستان جي اُنهن ندين مان هڪ آهي، جيڪي سنڌو درياهه سان اچي ملن ٿيون. راويءَ جو قديم ’سپت سنڌوءَ‘ وارين ستن ندين ۾ شمار ٿئي ٿو. قديم سنسڪرت ۾ راويءَ کي ’ايراوتي‘ سڏيو ويو آهي. راوي، هندستان جي هماچل پرديش رياست ۾ هماليه جبل مان نڪري ٿي ۽ اتر اولهه واري رُخ ۾ وهندي چمبا جي ڀرسان گُذرندي، ڄمون ڪشمير جي ڏکڻ اولهه واري سرحد کان مُڙي پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ اٽڪل 80 ڪلوميٽر کن وهي پاڪستاني پنجاب ۾ داخل ٿئي ٿي.
راوي ندي لاهور شهر جي ڀرسان لنگهندي ڪماليا جي ڀرسان اولهه طرف مُڙي احمدپور سيال ويجهو چناب نديءَ ۾ شامل ٿي ويندي آهي. راوي نديءَ جي ڪل ڊيگهه 725 ڪلوميٽر آهي. هن نديءَ جو پاڻي آسپاس جي وسيع زمين کي آباد ڪندو آهي.
1878ع ۾ راوي نديءَ تي اپر باري دو آب، هندستاني پنجاب جي اترين سِري وٽ ماڌوپور ۾ هيڊ ورڪس سان گڏ مڪمل ڪئي وئي. هيءَ ندي راويءَ جي اوڀر واري هڪ وسيع علائقي کي آباد ۽ سيراب ڪندي آهي ۽ هن مان نڪرندڙ ٻيا ننڍا واهه يا نديون پاڪستان ۾ اينديون آهن.
هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ راوي نديءَ جي پاڻيءَ واري ورڇ تي ڪيترا ڀيرا تنازعو ٿي چڪو آهي. جنهنڪري 1960ع ۾ سنڌو طاس معاهدو ڪيو ويو، جنهن تحت سمورا معاملا طئي ڪيا ويا.
راوي نديءَ مان 1917ع ۾ لوئر باري دوآب واهه ڪڍيو ويو، جيڪو پاڪستان جي حدن ۾ آهي، جيڪو گهڻي علائقي کي آباد ۽ سيراب ڪري ٿو.


لفظ راوي نديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو